سرن واري ڍنڍ

سرن واري ڍنڍ: هي ڍنڍ سانگھڙ ضلعي جي تعلقي چوٽياريون ۾ ڀولوءَ واري ڍنڍ جي اولهه ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ جي پکيڙ پنج ڪلوميـٽر ڊگھـي ۽ 3 ڪلوميٽر ويڪري آهي. هن ڍنڍ جي اوڀر ۾ هڪ تمام اونچي ڀت آهي ۽ وچ ۾ پڻ ننڍا ننڍا ٻيٽ اٿس، جيڪي خوبصورت ۽ وڻندڙ منظر پيش ڪن ٿا. ڍنڍ ۾ مڇي گھڻي مقدار ۾ ماري ويندي آهي. هي ڍنڍ واڳن جي حوالي سان به مشهور آهي، جيڪي گھڻا ته شڪارين جو شڪار ٿي ويا آهن، پر پوءِ به هن وقت تائين ڪجھه واڳون هن ڍنڍ ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو